SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Just War

(click word to listen sound
  • 🔊
  • dʒʌst
  • ər
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Just War

جسٽ وار

جائز جنگ

مناسب وقت ۽ موقعي تي لڙائي ڪرڻ وارو هي نظريو، وچين دور (خاص ڪري چوٿين صدي عيسويءَ) جي عيسائي فڪر جو نتيجو آهي. جنهن ۾ امن واري دور جو خاتمو ٿيو ۽ ”مقدس ويساهه“ لاءِ لڙائيءَ کي فرض جو درجو حاصل ٿيو. عيسائي مذهبي اڳواڻ سينٽ آگسٽائين کي هن نظريي جو موجد سمجهيو ٿو وڃي، سندس نظريي تي تڏهوڪن رومي شهنشاهن عمل ڪيو. وقت سان گڏوگڏ ”جائز جنگ“ جي تصور ۾ تبديليون آيون آهن، پر بنيادي دائرو ساڳيو ئي رهيو آهي. يعني ڪجهه لڙائين کي قانوني ۽ اخلاقي جواز فراهم ڪري سندن حق ۾ وڪالت ڪرڻ ۽ ٻين ۾ ڪُجهه نُقص ڳولي انهن کي رد ڪرڻ آهي. ”وچئين دور“(Medieval Period) جي ٻئي عيسائي عالم سينٽ اڪئيناس (74-1225ع) جائز جنگ لاءِ ٽي رهنما اصول ٻُڌايا.
1. جنگ آزاد مملڪت / اختياريءَ طرفان ڪئي وڃي.
2. جنگ جي پٺيان جائز سبب موجود هُجن
3. جنگ جي پُٺيان بدنيتي نه هجي. بعد ۾ انهيءَ ڏس ۾ وڌيڪ معيار مقرر ٿيا. مثال طور: جيڪا جنگ ذاتي بچاءَ ۾ نه ٿئي، جنهن ۾ جنگ کٽڻ جا امڪان روشن هُجن، جنگ کان پهرين نه وڙهڻ لاءِ ٻيا سمورا ذريعا ڪتب آندا ويا هُجن ۽ معصوم ماڻهو سنئون سڌو لڙائيءَ جو بَک نه بڻايا وڃن وغيره. اڳتي هلي هن ڏس ۾ بين الاوقوامي قانون جي مشهور مُفڪر ’گروشس‘ جي خيالن جو چؤٻول ٿيو، جنهن جائز جنگ لاءِ چار مُک معيار رکيا. 1. بچاءُ ۾ وڙهڻ 2. ٻين جي حقن جو احترام ڪرڻ 3. ٿيل نقصان جي تلافي ڪرڻ
4. غلطين جي جوابدار کي سزا ڏيڻ . سندس چوڻ هو ته ارادن جي خراب هُئڻ ڪري جائز جنگ به ناجائز ٿي سگهي ٿي. گروشس بُنيادي طور جنگ کان پرهيز ڪرڻ جي حمايت ڪندو هو. بعد ۾ انهن بُنيادن تي ئي قومن جي انجمن ۽ گڏيل قومن طرفان جنگ مُخالف حڪمت عمليءَ جو بُنياد رکيو ويو. پر اڄڪلهه انهيءَ سلسلي ۾ وڌيڪ بحث اهي به آهن ته جيئن اسرائيل 1967ع ۾ عربن تي حملو ڪري، ان کي پنهنجي بچاءُ جي جنگ ڄاڻايو، ڇا اهو درست طريقو آهي؟ ساڳئي وقت جوابي مداخلت (Intervention) واري دليل جي جائز هُجڻ، يا انساني بُنيادن تي مداخلت ڪرڻ (جيئن يوگوسلاويه ۽ بوزنيا ۾ نئٽو طرفان ڪئي وئي)، گوريلا جنگ، عوام دوست ويڙهه، بچاءُ لاءِ نيوڪليائي قوت بڻجڻ، اسلامي شدت پسندي ۽ مقدس جنگ وڙهڻ سميت ڪيترا ٻيا پهلو به بحث هيٺ آهن. انهن رُخن بين الاقوامي تعلقات جي ماهرن ۾ ”جائز جنگ“ جي تصور بابت وسوسا پيدا ڪيا آهن. اُهي چون ٿا ته جرمن سياستدان بسمارڪ ”جائز جنگ“ جي بهاني سان هزارين ماڻهو ماريا، ساڳي طرح ويهين صديءَ جي آمرن ڪروڙين ماڻهو ساڳئيءَ کاتي ۾ ڪُٺا. بين الاقوامي تعلقات سان لاڳاپيل حلقن ۾ سوال اُٿندو آهي ته: ڇا اهي سڀ واقعا جائز ۽ ”پنهنجي بچاءَ ۾ وڙهيل جنگ“ تحت قبول ڪري سگهجن ٿا


Remember Me Also:

هڦ

هُڦَ جمع هُڦُون

ث . سهڪ، سهڪو، سهڪي، هڙڪ، دَڪ دَڪ ، دَم. (ت). گرمي، هٻاءُ، اُٻس.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal